صمه حاڪم سنڌ

صمه (حاڪم سنڌ): ڪتابن ۾ صمه ابن ابو صمه جو ذڪر ملي ٿو. سيد سليمان ندوي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾، بحث ڪندي صمه، صامه کي وڃي سنڌ جي سمن (ڄامن) سان ملائي ٿو. هن جو گمان آهي ته، سمن سنڌ تي گهڻو وقت راڄ ڪيو هو، انهن جو نسبي سلسلو صمه يا صامه سان ملي ٿو. ليڪن هي گمان درست نه آهي. مولانا قدوسي صمه کي ابو صمه جو پٽ لکندي، ٻڌائي ٿو ته سن 279هه/ 892ع ۾، هن بغاوت ڪري منصوره تي قبضو ڪيو. اهو دور عبدالله بن عمر جو هو. عبدالله ڀاٽيه کان نڪري صمه تي زوردار حملو ڪيو، ۽ ان کي شڪست ڏئي منصوره تي قبضو ڪري ورتو. (تاريخ سنڌ، جلد ٻيو، ص 285، اردو). ساڳئي مصنف ان باري ۾ هي به لکيو آهي ته، ان دور ۾ (813- 833ع) بنو ڪنده جو آزاد ڪيل غلام ابوالصمه، سنڌ ۾ آيو، ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سنڌ تي قبصو ڪيائين. هي انهن ماڻهن مان آهي، جو ان کان اڳ دائود سان سنڌ ۾ آيو هو (قدوسي، جلد اول، ص 276). ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ به هن ڏس ۾ تحقيق ڪئي. لکي ٿو ته، ان دور ۾ منصوره ۾ هڪ وڏو انقلاب آيو هو، ان ڪري ٿوري دير لاءِ هباري حڪومت ختم ٿي وئي هئي. ان انقلاب جو اڳواڻ صمه بن ابو صمه هو، جو اصل ۾ بنو ڪنده جي عرب قبيلي جو آزاد ڪيل غلام هو. ليڪن تمام تڪڙو هباري حڪمران هن کي شڪست ڏئي، باغيءَ کي قتل ڪيو ۽ پنهنجي حاڪميت بحال ڪئي. امڪان آهي ته عبدالله بن عمر به هن ويڙهه ۾ مارجي ويو هو. سندس ڀاءُ بدلو وٺي باغين کي ناس ڪندي، منصوره جي حڪومت وري هٿ ڪئي. (تاريخ سنڌ، عرب دور، ص 306) حسام الدين راشدي صاحب هن کي ابو صمه سڏيو آهي، ۽ لکي ٿو ته، ته هن بغاوت ڪندي، سن 255 هه/ 868ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو. (تحفة الڪرام، فارسي، ص 624)


هن صفحي کي شيئر ڪريو